راڻاسر 2

راڻاسر 2

راڻاسر 2

راڻاسر 2: هيءَ ٿرپارڪر ضلعي جي مشهور ترائي آهي، جيڪا چيلهار شهر جي اتر طرف ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هن ترائيءَ کي چيلهار جي راڻن تعمير ڪرايو هو. هتان هڪ قديم رستي جو گذر پڻ آهي، جيڪو عمرڪوٽ، چيل بند کان ٿيندو ننگرپارڪر ۽ هندستان کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو هو. هتي اڪثر پاڻيءَ جي سهوليت جي ڪري آڳاٽي وقت ۾ مالدار ماڻهو ۽ مسافر قافلا اچي ڊاٻو ڪندا هئا. هتي برسات کانپوءِ وسڪاري جا چار پنج مهينا پاڻي بيهي ٿو. هن ترائيءَ تي سانوڻيءَ ۾ تمام گهڻي رش هوندي آهي. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان ماڻهو هتي تفريح لاءِ ايندا آهن. راڻاسـر کي شيخ اياز، ادل سومري، تاج جويي، احمد سولنگي، ايوب کوسي ۽ ٻين شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي. هيٺ مثال طور شيخ اياز جو بيت ڏجي ٿو:
اڄ به منهنجي جندڙي، راڻاسر تي رات،
ڪيڏا منهنجي ڏات، تارا، تر، تروڪڙيون!


هن صفحي کي شيئر ڪريو